حروف مقطعات

حروف مقطعات: حروف مقطعات مان مراد ’الم‘، حــٰم، الر، طــٰھ وغيره جهڙا لفظَ آهن. حروف مقطعات, الله پاڪ ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي وچ ۾ هڪ راز جي حيثيت رکن ٿا. حروف مقطعات اعجاز قرآن آهن، جن ۾ خدا تعاليٰ جو اسم اعظم مخفي آهي. اسلامي علمن جي اصـطـلاح مـوجـب، مـقـطعـات مـان مـراد اهي حرف آهن، جيڪي قرآن شريف جي ڪجهه سورتن جي شروع ۾ الڳ الڳ لکيل آهن، اهي حرف قرآن شريف جي 114 سورتن مان 29 سورتن جي شروع ۾ آيل آهن ۽ انهن سورتن ۾ 2 مدني ۽ باقي 27 مڪي سورتون آهن. اهي حرف پنجن شڪلين ۾ موجود آهن.
(1) مفرد شڪل ۾، هي حرف صرف ٽن سورتن ۾ آيا آهن، ص ۽ ق سورتون انهن ئي حرفن سان مشهور آهن ۽ ن سان شروع ٿيندڙ سورة قلم آهي.
(2) ٻن ٻن حرفن واري شڪل وارا لفظ 9 جڳهين تي اچن ٿا. طــٰھ، طـــٰس، يـــٰس ۽ حــــٰم. اهي لفظ هنن 9 سورتن جي شروع ۾ اچن ٿا. المومن، حم السجده، الزخرف، الدخان، الجاثيه ۽ الاحقاف، الشوريٰ، طـــٰھ ۽ يـــٰس.
(3) ٽن ٽن حرفن جي شڪل وارا حرف چوڏهن سورتن ۾ آيل آهن. ’الم‘ جن ڇهن سورتن ۾ آيل آهي، سي آهن: البقره، آل عمران، عنڪبوت، الروم، لقمان ۽ سجده. جڏهن ته ’الر‘ پنجن سورتن ۾ آيل آهي: يونس، هود، يوسف، ابراهيم ۽ الحجر، ’طسم‘ ٻن سورتن ’الشعراء‘ ۽ ’القصص‘ ۾ آيل آهي ۽ ’عسق‘ صرف سوره الشوريٰ ۾ آيل آهي.
(4) چئن چئن حرفن جي شڪل وارا حرف ٻن هنڌن تي آيا آهن. ’المص‘، سورة الاعراف ۾ ۽ ’المر‘، سورة رعد جي شروع ۾.
(5) پنجن حرفن جي شڪل وارو حرف صرف هڪ هنڌ آيو آهي. ’ڪهيعص‘، سورة مريم جي شروع ۾ آيل آهي.
حروف مقطعات برڪت وارا حرف آهن. قرآن مجيد ۾ جتي به حروف مقطعات آيا آهن، اهي هڪ آيت طور شامل آهن. سورة شوريٰ ۾ ٻه حروف مقطعات هڪ ئي هنڌ گڏ آيا آهن، حـــٰم ۽ عسق- قرآن مجيد ۾ موجود حروف مقطعات 29 آهن، پر جڏهن ساڳيا حرف ڇڏي سڀني کي هڪ هڪ ڀيري ۾ ڳڻبو ته اهي چوڏهن حروف مقطعات ٿيندا، جيڪي هي آهن:
ص، ق، ن، حــــٰم، طــــٰھ، يـــٰس، طـــٰس، الم، الر، طسم، عسق، المص، المر ۽ ڪهيعص.


لفظ حروف مقطعاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو